قبرستان 1100x150 ميٽرن ج' />
روميون قبرستان

روميون قبرستان

روميون قبرستان

روميون قبرستان: هيءُ قبرستان 14 کان 16 صدي عيسويءَ جو آهي، جيڪو ٻنڌڙي مسجد کان اوڀر ۾ هڪ ڪلوميٽر ۽ ڳوٺ جهانگارن تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄامشوري جي ڏکڻ ۾ 17 ڪلوميٽر ۽ سيوهڻ شهر کان 33 ڪلوميٽر پري ″26º 11' 52 اتر ويڪرائي ڦاڪ 67º 43' 27″ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. قبرستان هڪ ٽڪريءَ تي آهي. هتي 5 وڏيون قبرون پيلي پٿر جون سنگي تختن سان ٺهيل آهن، جن تي اڪر جو نفيس ڪم ٿيل آهي، جڏهن ته ٻيون قبرون پٿر جون آهن، پر مٿن ڪو به نقش نگار ٿيل نه آهي.
قبرستان 1100x150 ميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي، جنهن جي اوچائيءَ زميني مٿاڇري کان 30 فوٽ آهي. قبرستان چڱيءَ حالت ۾ نه آهي. سنگي تختا ڳري رهيا آهن. قبرستان ۾ موجود قبرن مان ڪنهن به قبر تي ڪو ڪتبو لڳل ڪو نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو